اسپيڪر کي مخالف ڌر اڳواڻ معاملي بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض واري معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض کي هٽائڻ بابت درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 30 ڏينهن ۾ اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل لاڳاپيل اختيارين کي فيصلي کان آگاهه ڪري ۽ رجسٽرار آفيس فيصلي ۽ درخواست جي ڪاپي اسپيڪر تائين پهچائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.