بلوچستان ۾ دهشتگردي نه آزادي جي تحريڪ پئي هلي، اسٽيبلشمينٽ غلط فهمي ۾ نه رهي: اسلم رئيساڻي

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان هميشه کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته پاڪستان جو مطلب ڇا، لااله الا الله جي جيستائين ڳالهه آهي ته ان کان بغير اسان جو ايمان مڪمل ناهي، جيڪڏهن اسلامڪ ريپبلڪ پاڪستان کي ڏسون ته شرعي عدالت يا قاضي جي عدالت يا مجلس شوريٰ جي فيصلي کي سول ڪورٽ رد ڪري ڇڏي، اهو آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان، توهان پاڻ ڏسو، هن چيو ته هتي ڪميشن ٺهنديون آهن، ڪٿي آهي حمودالرحمان ڪميشن، ٻڌو آهي ته حمود الرحمان ڪميشن ۾ به ترميم ڪئي وئي آحي، پاڪستان ان ڪري ناهي ٺهيو ته هتي ظلم، جبر ۽ فوج ڪشي ٿئي هر ڏهاڙي، هن چيو ته بلوچستان ۾ 75 سالن کان آمريت هلي رهي آهي، اڍائي ڪلاڪن ۾ پارٽيون ٺهنديون آهن، چونڊون ٿي وينديون آهن، هڪ اڇي ڪاغذ تي مختلف تڪن جا نالا لکي چيو ويندو آهي ته تڪ بڻايو، ان طرح رياست ڪيئن هلندي؟ هن چيو ته اسان ان ڪري پاڪستان ۾ شامل نه ٿياهئاسين ته هتي بي عزت ٿيون، منهنجو ڀاءُ چار سئو ماڻهن سان گڏ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو، اسيمبلي ۾ منهنجي پهرين قرارداد هئي ته سي پيڪ کي ايوان جي پراپرٽي بڻايو وڃي، چون ٿا ته چين اسان جو دوست آهي، هن چيو ته نوابزده همايون جوگيزئي مطابق پنهنجي زمين تي جتان سي پيڪ روٽ گذري رهيو آهي، ان تي نه پيٽرول پمپ بڻائي سگهون ٿا نه ريسٽورنٽ ته اسان ان روٽ جو ڇا ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي بلوچستان ۾ بلوچ علائقن ۾ آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي، پاڪستاني فوج چوي ٿي دهشتگردي آهي،جي نه اتي آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي ڪا به دهشتگردي ناهي، پشتونن پاران به ان طرح جي آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي، جيڪڏهن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته بندوق ۽ توپ ذريعي حالتون ٺيڪ ڪري سگهجن ٿيون ته اها غلط فهمي آهي، هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ جنرل سرفراز علي جي هيليڪاپٽر حادثي جي باري ۾ ٻه خبرون آهن، هڪ آمريڪي سفارتخاني مان آيو ته اسان معذرت ڪريون ٿا ته ٽيڪنيڪي غلطي سان هيليڪاپٽر کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، ٻئي پاسي بلوچ تنظيم (براس) پاران دعويٰ ته هيليڪاپٽر کي اسان هٽ ڪيو آهي، هاڻي ڪنهن تي يقين ڪيو وڃي، هن چيو ته سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ايترا ماڻهو جيڪي پهاڙن تي ويا آهن اهي ڇو ويا آهن، اهي وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر آهن، هن چيو ته هن رياست ۾ قومن جا حق توهان کي قبول ڪرڻا پوندا، جناح اسان کي آزادي ناهي ڏياري، هتي بلوچ آزاد هئا، پشتون آزاد هئا، سنڌي آزاد هئا، پنجابي آزاد هئا، هن چيو ته اسان پاڪستان نه پيا ٽوڙيون، توهان پاڪستان ٽوڙي رهيا آهيو، بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ ماريو وڃي ٿو، اسان کي دهشتگردي جي مطلب جي وضاحت ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.