ٽنڊو غلام حيدر: جمشير واهه کي مختلف هنڌن تان گھارا، ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

ٽنڊو غلام حيدر جي جمشير واهه کي مختلف هنڌن تان گھارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

جمشير واهه کي ڳوٺ حاجي خان، طاهر خاصخيلي، ٺارو خاصخيلي ۽ عرس لاشاري وٽان ڌار ڌار گھارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھرا بند ڪري ورتا.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ واهه جي پڇڙي ۾ آهن، آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب گھارا پيا آهن، جڏهن ته اطلاع باوجود ڪير به ناهي پهتو.

هنن آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جمشير واهه جي ڪپرن کي مضبوط ڪري ڳوٺن ۽ فصل کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.