عمران خان جي تاحيات نااهلي، اسحاق ڊار وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي تلوار ٽنگجڻ شروع ٿي وئي آهي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ٽي ماڻهو هن وقت تائين تاحيات نااهلي جو شڪار ٿي چڪا آهن، چوٿون عمران خان ٿي سگھي ٿو.

هن چيو ته عمران خان جي مس ڊڪليئريشن هن کي نااهل ڪري ٿي، هاڻوڪي حالتن ۾ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن جو فيصلو مناسب هوندو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جيڪي فنڊ گڏ ڪيا، انهن ۾ وڏي رقم غير قانوني آهي، قانون موجب توهان غير ملڪي ڪمپني ۽ ماڻهو کان پئسا نٿا وٺي سگھو.

اسحاق ڊار اهو به چيو ته تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر پارٽي ميمبر شپ کان مستعفي ٿي وڃن ته انهن تي پابندي نه لڳندي، پابندي تحريڪ انصاف تي لڳندي ۽ عمران خان تي نااهلي جو ڪيس هلندو.

هن چيو ته عمران خان خلاف توشا خانا جو ريفرنس به پي ڊي ايم جمع ڪرايو آهي، تاحيات نااهلي آئين ۾ ناهي، ان تي اسان جون پارٽيون غور ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.