روسي هائپر سونڪ ميزائل سائنسدان غداري جي الزام هيٺ گرفتار

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) هائپر سونڪ ميزائل جي نامياري روسي سائنسدان کي غدار جي الزام هيٺ گرفتار ڪيوويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊاڪٽر اليگزينڊر شيپليوڪ انسٽيٽيوٽ آف ٿيوريٽيڪل اينڊ اپلائيڊ مڪينڪس آف رشين اڪيڊنمي جي سائيبيريا برانچ ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر هو.

ڊاڪٽر ايلگزينڊر جي گرفتاري کان اڳ هلندڙ سال وڌيڪ ٻن روسي سائنسدانن کي پڻ غداري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب کيس 27 جون تي اداري جي چيف ريسرچر ايناتولي ميسلوو کي هائپر سونڪ ميزائل بابت ڳجهي ڄاڻ منتقل ڪرڻ تي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ڊاڪٽر ايلگزينڊر جي گرفتاري کي کي پڻ ان معاملي سان جوڙيو پيو وڃي.

ياد رهي ته چين، روس ۽ آمريڪا جون فوجي طاقتون اهڙا هائپر سونڪ گلائڊ وهيڪل ( ( HGV  هٿيار ٺاهڻ لاءِ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، جيڪي ٿيور ريٽيڪلي هائپر سونڪ رفتار سان اڏڻ جي صلاحيت رکندا آهن، ماهرن موجب اهڙن هٿيارن خلاف دفاع ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.