صحت: فطري نظارن ۾ وقت گذاريو ۽ سوين مسئلن مان ڇوٽڪارو ماڻيو

طبي ماهرن طرفان ڪيل هڪ نئين تحقيق مان اهو معلوم ٿيو آهي ته فطري نظارن ۾وقت گذاريندڙ ماڻهن کي 300 جي لڳ ڀڳ جسماني، ذهني ۽ سماجي فائدا ٿيندا آهن، جڏهن ته سندن خيالن جي اُڏام پڻ بهتر هوندي آهي.

تحقيقي رسالي سائنس ۾ ڇپيل مضمون موجب جاپان جي ماهرن طرفان دنيا جي 62 ملڪن ۾ ڪيل 3 سئو کان وڌيڪ تحقيقن جو مطالعو ڪري انهن ۾ ڄاڻايل فائدن جي فهرست ٺاهي.

62 ملڪن جي ماهرن طرفان تيار ڪيل فهرست ۾ هڪجهڙي ئي فائدن کي هڪ فائدي طور لکيو ويو.

ماهرن موجب پهرين ڪيل سمورين تحقيقن ۾ ڄاڻايل فائدا تمام گهٽ آهن، حقيقت ۾ فطري نظارن ۾ وقت گذارڻ جا ڪيئي فائدا آهن، جن ۾ گهڻي قدر سماجي فائدا پڻ شامل آهن.

ماهرن قدرتي نظارن جي تشريح ناهي ڪئي، پر ٻڌايو آهي ته فضا، خوبصورت، ساوڪ وارن ماڳن، هڪ کان ٻئي شهر تائين سفر ڪرڻ، مختلف ماڳن مڪانن جو سير سفر ڪرڻ، پارڪس، کليل ميدان، سمنڊ. ندين، جبلن، آبشارن وارن ماڳن تي وقت گذارڻ جا ڪيئي فائدا  ٿي سگهن ٿا.

ماهرن موجب گڏيل طور تي ٽه سئو کان وڌيڪ تحقيقن ۾ 277 اهڙا طريقا ڄاڻايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهو کوڙ فائدا ماڻي سگهن ٿا، جيڪي انسان جي جسماني ۽ ذهني صحت سميت سندس سماجي مرتبي ۾ ڪارائتا هوندا آهن.

جڏهن ته اهڙي عمل سان انسان جي تخليقي صلاحيتن ۾ واڌرو پڻ ايندو آهي ۽ منجهن همدردي جا جذبا پڻ وڌندا آهن.

ماهرن موجب فطري، شفاف، خوبصورت ۽ پُرفضا ماحول ۾ وقت گزاريندڙ ماڻهن ۾ جذباتي لڳاءُ ۾ بهتري ايندي آهي، هو وڌيڪ همدرد بڻجي ويندا آهن، منجهن صفائي سٿرائي ۽ صحت بابت شعور بيدار ٿيندو آهي، هو سماج ۽ وقت جي اهميت کي بهتر نموني سمجهڻ لڳندا آهن، سندن ذهن مسئلن کي مختلف نظريي سان ڏسندو آهي ۽ انهن جي حل جي ڳولا شروع ڪري ڇڏيندو آهي.

فطري نظارن ۾ وقت گذارڻ کان پهرين ڪيل تحقيقن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سير سياحت، ساوڪ وارن علائقن ڏسڻ جا مشغلا انسان جي ذهني ۽ جسماني صحت تي هاڪاري اثر ڇڏيندا آهن.

هاڻ ماهررن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان سان ماڻهن جي سماجي مرتبي ۾ پڻ واڌارو ٿيندو آهي اهڙن ماڻهو اهڙن فردن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ منجهن نفاست ۾ پڻ واڌارو ايندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.