راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ پڇتائيندا.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي بي امني ۽ بدامني ملڪ ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ ۽ تڪرار پيدا ڪندي.
سیاسی بےامنی اور بدامنی مزید انتشار اور خلفشار پیدا کرے گی۔ عمران خان اور اسکی پارٹی کو نااہل قرار دینے کی کوشش کرنے والے خود پچھتائیں گے۔اگست میں سجنے والا سیاسی دنگل ملکی اور عوامی مسائل میں اضافہ کرے گا۔ مستقبل کی ساری ذمہداریاں عدلیہ کے کندھوں پر آگئی ہیں۔30اگست تک اہم وقت ہے
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) August 6, 2022
هن چيو ته آگسٽ ۾ سجندڙ سياسي دنگل ملڪي ۽ عوامي مسئلن ۾ واڌ ڪندو، مستقبل جي سڄي ذميواري عدليا جي ڪلهي تي اچي وئي آهي، 30 آگسٽ تائين اهم وقت آهي.