برطانيا جي شھزادي چارلس بن لادن خاندان کان وڏي رقم وصول ڪئي

برطانيا جي اخبار سنڊي ٽائمز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته  پرنس چارلس 2011 ۾ القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مارجڻ کان ٻه سال پوءِ 2013ع ۾ اسامه جي ٻن سڳن ڀائرن کان ڪافي رقم وصول ڪئي هئي.

اهو عطيو پرنس آف ويلز چيريٽيبل فنڊ (PWCF) طرفان وصول ڪيو ويو، جيڪو برطانوي رائل فيملي جو هڪ ادارو آهي. ولي عهد جي شاهي رهائش ڪلئرنس ھائوس جو چوڻ آهي ته PWCF مڪمل  يقين ڏياريو هو ۽ اھا رقم قبول ڪرڻ جو فيصلو اداري جي ٽرسٽين جو ھو، بي بي سي سان ڳالهائيندي هائوس پاران چيو ويو آھي ته، "ان جو ڪو ٻيو  مطلب نھ ورتو وڃي“.ڪليئرنس هائوس جو اھو پڻ چوڻ آھي تھ  اخبار جي آرٽيڪل ۾ اٿاريل نقطن تي اعتراض ڪيو ويو آھي.

بن لادن خاندان 1994ع ۾ اسامه سان لاڳاپا ختم ڪرڻ  جو اعلان ڪيو هو ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه سامهون نه آئي آهي جنھن مان لڳي تھ سندس ماٽيلي ڀائرن جو اسامھ جي سرگرمين سان ڪو تعلق هجي، رپورٽ موجب اها رقم شهزادي چارلس سعودي عرب جي ھڪ امير خاندان جي سربراھ بڪر بن لادن ۽ سندس ڀاءُ شفيق سان ڪلئرنس ھائوس ۾ ھڪ ملاقات بعد وصول ڪئي ھئي.

سنڊي ٽائمز ڪيترن ئي ذريعن جي حوالي سان لکيو آھي تھ  ڪلئرنس هائوس ۽ پي ڊبليو سي ايف جي صلاحڪارن جي اعتراضن باوجود شھزادي اھا رقم قبول ڪري ورتي.

بهرحال، PWCF جي چيئرمين سر ايئن چيشر اخبار کي ٻڌايو ته 2013 ۾عطئي جي باري ۾ پنجن ٽرسٽن پاران غور ڪرڻ بعد اھو قبولڻ تي اتفاق ڪيو ويو ھو.

سر ايئن وڌيڪ چيو ته ”حڪومت سميت مختلف ذريعن کان معلومات حاصل ڪندي گھربل احتياط کي نظر ۾ رکيو ويو ھو.. PWCF ملڪ ۾  ۽ ملڪ کان ٻاهر ڀلائي وارين رٿائن جي لاءِ   برطانيا جي رجسٽرڊ خيراتي ادارن کي فنڊ فراهم ڪري ٿي.

بي بي سي جي شاهي گھراڻي جي نمائندي جوني ڊائمنڊ جو چوڻ آهي ته ڪو به قاعدو نه ٽوڙيو ويو آهي ۽  پرڏيهي آفيس کان به راءِ طلب ڪئي وئي جنهن بعد اھو  عطيو قبوليو ويو ھو.

PWCF جي ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو (پي يعني اسامھ بن لادن ) جي گناھن جي ڪري خاندان جي ٻين ميمبرن کي عطئي  ڏيڻ واسطي نااهل نه ٿو ڪري سگهجي.

اسامه بن لادن آمريڪا کي گهربل ماڻهن مان هڪ هو. هن جي لاءِ خيال آھي تھ  هن 11 سيپٽمبر 2001 تي نيويارڪ ۽ واشنگٽن تي حملن جو حڪم ڏنو هو، جنھن ۾ لڳ ڀڳ ٽي ھزار ماڻهو مارجي ويا هئا.

هو 2011 ۾ آمريڪي فوج جي حملي ۾ مارجي ويو هو، اهو پهريون ڀيرو ناهي جو شهزادي چارلس ۽ سندس خيراتي امداد وصول ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي.گذريل مهيني خبر آئي ھئي تھ شهزادي چارلس کي قطر جي اڳوڻي وزيراعظم 1 ملين يورو سان ڀريل سوٽ ڪيس ڏنو ھو.ڪلئرنس هائوس جو چوڻ هو ته عطيو ملڻ جي فورن بعد اھو شھزادي جي ھڪ خيراتي اداري ڏانهن منتقل ويو ۽ صحيح طريقو اختيار ڪيو ويو ھو.

خيراتي ڪميشن بعد ۾ ان معاملي جي انڪوائري شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ويو، هن سال فيبروري ۾، لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس انھن دعوائن جي جاچ ڪئي ھئي،جن موجب شهزادي جي تنظيم هڪ سعودي شهري کي اعزاز جي لاءِ  مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.ڪلئرنس هائوس چيو ته شهزادو ”ڪنهن کي بھ عطئي ڏيڻ جي بدلي ۾ ڪنھن به اعزاز يا برطانوي شهريت  جھڙي ڪنھن بھ ڏنل آڇ کان بي خبر هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.