پنجاب ۾ فيصل نيازي جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي سيٽ تي چونڊ جو اعلان

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر فيصل نيازي جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پي پي 209 خانيوال جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب چونڊ 2 آڪٽوبر تي ٿيندي. واضح رهي ته مسلم ليگ ن جي منحرف ميمبر پنجاب اسيمبلي فيصل نيازي 22 مئي تي استعيفيٰ ڏني هئي جيڪا منظور ڪئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.