سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش

ڪراچي ( رپورٽر ) سڄي سنڌ ۾ ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.  سنڌ جي گهرو کاتي   ڊبل سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.   سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، 6 محرم کان 12 محرم تائين ڊبل سواري تي پابندي هوندي. سنڌ جي گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو  . آءِ جي سنڌ پاران ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي هئي. سنڌ حڪومت امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ قلم 144 تحت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، بزرگ، صحافي، عورتون ۽ ٻار ان پابندي کان آجا هوندا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪارن به پابندي کان آجا هوندا ۽ پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.