ملير ۾تيل چوري جو ڪاروبار چوٽ چڙهيل، پوليس به ساٿاري

ملير (ڊ.ر) ملير جي ٿاڻن ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ سٽي،  سکڻ، بن قاسم، اسٽيل ٽائون ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ کائڻ وارو تيل، ڊيزل ۽ پيٽرول چوري رڪجي نه سگهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب تيل چور مافيا جا سرغنا دلاور عرف افغاني، علي شير، موسيٰ شير علي جي سرپرستي ۾ تيل چورن جا گروهه سرگرم آهن، ان مافيا ۾ سعيد عرف چاچا، خميسو، خير محمد، عنايت مري، رحمان، ارشاد عرف پيا، عثمان، شاهزيب، اياز عرف شينا، گل رحمان ۽ ٻيا ڪارندا شامل آهن، ذريعن موجب تيل چور مافيا بااثر آهن جيڪي هر هفتي پوليس ۽ ٻين کي لکين روپيا ڀتو پهچائين ٿا، جنهن جي ڪري انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي، ڄاڻايل تيل چور نيشنل آئل ڪمپنين جي ٽينڪر ڊرائيورن جي ملي ڀڳت سان پڻ ڊيزل ۽ پيٽرول نيشنل هاءِ وي تي قائم پيٽرول پمپن ۽ نجي هنڌن تي پهچائين ٿا، ساڳي طرح پورٽ قاسم مان آيل ٽينڪرن ذريعي ملڪ جي مختلف حصن ڏانهن ويندڙ کاڄرو تيل پڻ مختلف علائقن ۾ تيل چور مافيا ڊرائيورن جي ملي ڀڳت سان چوري وڪرو ڪن ٿا، جڏهن ته تيل مافيا ڪروڊ آئل پڻ مختلف علائقن ۾ چوري بعد کپايو وڃي ٿو، ذريعن موجب ملير ضلعي ۾ تيل مافيا چورن جو نيٽ ورڪ علي شير هلائي رهيو آهي جيڪو مختلف علائقن مان لکين روپيا ڀتو گڏ ڪرڻ بعد پوليس عملدارن کي پڻ پهچائي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.