ن ليگ جو پنجاب کانسواءِ پي ٽي آءِ جي ڳڙهه ڪي پي ڪي ۾ به گهڙڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ مستقبل ۾ سياسي حڪمت عملي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان پارٽي جي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي لاءِ ن ليگ قائد نواز شريف سرگرم ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پارٽي جي اهم اڳواڻ ساڻس رابطو ڪري مشاورت ڪئي.

نواز شريف مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي تي ڌيان ڇڪي ورتو آهي.

ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جو موقف ڪهڙو هوندو ۽ ڪهڙن بنيادن تي اليڪشن ۾ وڃبو.

پارٽي ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪيو ويندو.

قيادت کي ن ليگ جي اڳوڻي دور ۾ ڪيل ترقياتي منصوبن کي ڀرپور طريقي سان اجاڳر ڪرڻ جا نقطا شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

عمران خان جا اسڪينڊلز عوام سامهون آڻڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي ويندي، مهانگائي جو ذميوار به عمران خان کي قرار ڏنو ويو.

پارٽي اڳواڻن تجويز ڏني ته مفاهماڻي پاليسي ڇڏي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو وڃي.

مريم نواز ۽ نواز شريف کي ڏنل سزائون ۽ ٻين اڳواڻنخلاف ٺاهيل ڪيسن جون حققتون آڏو آنديونوينديون.

نواز شريف ليگي اڳواڻن جي اهڙين تجويزن سان اتفاق ڪيو آهي ۽ تياري لاءِ اڳواڻن کي رابطا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.