چوڌري شجاعت کي ڪاميابي ملي وئي، پرويز الاهي کي وڏو ڌڪ !

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت کي پارٽي صدر ۽ طارق بشير چيما کي سيڪريٽري جنرل برقرار رکندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ق ليگ طرفان پارٽي اليڪشن روڪرائڻ لاءِ چوڌري شجاعت حسين جي درخواست تي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ ڪئي.

چوڌري شجاعت حسين وڪيل ٻڌايو ته 28 جولاءِ تي سوشل ميڊيا تي بنا صحيح ٿيل خط مان معلوم ٿيو ته پارٽي جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي هٽايو ويو.

چوڌري شجاعت حسين جي وڪيل چيو ته اجلاس ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي الڪيشن جو اعلان ڪيو ويو، سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو ٻيره چونڊ شيڊول جو اعلان پڻ غيرقانوني آهي.

هن چيو ته پارٽي ۾ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو ڪو وجود ئي ناهي، پارٽي ميمبرن کي اجلاس جو نوٽيفڪيشن ناهي مليو ۽ جن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي انهن جي ڪائي فهرست ناهي، اهو غيرقانوني اجلاس هو.

چوڌري شجاعت جي وڪيل ٻڌايو ته پارٽي جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري برقرار آهن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جن پاڻ کي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر ظاهر ڪري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

وڪيل چيو ته ق ليگ جي آخري چونڊ جنوري 2021ع ۾ ٿي جنهن ۾ سمورا عهديدار بنا مقابلي چونڊجي ويا، پارٽي جي چونڊ هر پنجين سال ٿيندي آهي، ڪو به عهديدار وفات ڪري وڃي يا  استعيفيٰ ڏئي ته عهدي تان هٽي سگهي ٿو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته اسان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 آگسٽ تي ٿيندي ۽ ايستايئن چوڌري شجاعت ق ليگ جو صدر ۽ طارق بشير چيما پارٽي جو جنرل سيڪريٽري برقرار رهندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.