اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ن ليگ جي قائد نوازشريف جي وطن واپسي لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي هن وقت جيڪا سياسي پوزيشن آهي منهنجي خيال ۾ سموريون سياسي پارٽيون جيڪڏهن پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن ته بهتر آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ سياسي ڪردار رهيو آهي، پر في الحال سياسي پارٽين کي ميچيورٽي ڏيکارڻ گهرجي