وڏي وزير جي شهيد ميجر سعيد تنيو جي وارثن سان تعزيت

لاڙڪاڻو(ڊر ) وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير شهلا رضا سان گڏ ڳوٺ سجاول تنيو پهچي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿي ويل ميجر سعيد تنيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو به ساڻس گڏ هيو،   ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  چيو ته اسان کي ڏک به آهي ۽ فخر به محسوس ڪري رهيا آهيون جو شهيد ميجر سعيد تنيو ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ڳوٺ جي روڊ کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ پوليس جو يوم شهادت آهي ۽ انهن جي ڏنل قربانين کي به وساري نه ٿو سگهجي.ان بعد شهيد ميجر سعيد تنيو جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون، گلدستا رکيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.