رياستن ۾ ڌارين لاءِ حدون مقرر هونديون آهن

گلشن اقبال ( ن ع آ) سنڌي شاگرد سٿ پاران بئريسٽر ضمير گهمرو جي مضمون ”سنڌ ۾ ڌاري آبادگاري، ۽ ملڪيت جي خريداري روڪڻ  ممڪن آهي؟ “ تي اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سٿ جي ميمبرن مضمون بابت تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ بلال ڪاڪا جي قتل بعد سنڌ ۾ جڙيل صورتحال تي گفتگو ڪئي. سرڪل ڳالهائيندي فاروق لاشاري، شاهد شر، علي اڪبر نهڙي، دلبر ميمڻ، فاروق سرگاڻي ، ارسلان طفيل ۽ ٻين ٻڌايو ته عالمي قانون ۽ معاهدن تحت پناهگير ڪنهن ۾ رياست اندر داخل نه ٿيندا آهن، انهن لاءِ حدون مقرر هونديون آهن. ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ٻي قوم جو ڌاريو  ڪنهن صوبي ۾ داخل ٿي سواءِ ڪنهن قانوني عمل جي ڪاروبار نٿو ڪري سگهي. پر سنڌ کي ڏهاڪن کان عالمي يتيم خانو ٺاهي پناهگيرن توڙي ڌارين جي لوڌ موڪلي ٿي وڃي جيڪي سنڌ۾ نه صرف سنڌين جي حقن جي لتاڙ ٿا پيا ڪن پر هاڻ انهن بلال ڪاڪا جهڙن سنڌ جي نوجوانن کي قتل ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو آهي ۽ سنڌ ۾انهن جي وڌندڙ دهشت خطرناڪ آهي جنهن جو مثال سنڌ جو وڏو شهر ڪراچي آهي جتي پٺاڻ پنهنجي عروج ڪاروبار سان گڏوگڏ دهشت به زور تي رکي ويٺا آهن. پٺاڻن جا اڳواڻ اهو چون ٿا ته پاڪستان ۾ ڪاروبار انهن جو حق آهي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهون هاڻ انهن جي ڪاروباري دهشت کي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندا ۽ سنڌ مان فرسوده سوچ رکندڙ انهن ڏتڙيل ڌارين قومن جو نڪرڻ  ئي سنڌ جي خوشحالي جو  سبب بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.