بدر ابڙي جي ڪتابَ ” خوابَ ۽ خيالَ “ جو مختصر جائزو

تحرير: امين جويو

بدر ابڙي جو هي ڪتاب ” خوابَ ۽ خيالَ “ روشني پبليڪيشن حيدرآباد سن 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪِتابَ جي نالي وانگر هن ۾ ليکڪَ پنهنجن احساسَن ، خوابن ۽ خيالن جي اُپٽارَ ڪئي آهي.  ان ڳالهه جو اظهار ليکڪ پاڻ پنهنجي پاران لِکت ۾ هن ريت ڪيو آهي ته ؛ ” مون وٽ ڪجهه احساس آهن ، ڪي خواب ۽ خيال آهن ، اهي لفظ ڪٿي ٿا جُڙن ؟ ۽ ڪٿان ٿا اچن ؟ آئون ان بحث ۾ نه ٿو پوان. آئون انهن احساسن ۽ خيالن کي ( تان نه آهي تَندُ ، جا رُون رُون ڪري رازَ ) واري منزل جو آلاپ سمجهان ٿو. آئون ان اِسرار بابت ڪو به اصرار نه ڪندس . بس هي بظاهر هڪجهڙا ۽ متضاد خيال / ڪيفيتون آهن . جيڪڏهن توهان جي دل کي ڇُهي وڃن ته مون پنهنجو ٻِيجل وارو ڪم پورو ڪيو “.

هن ڪتابَ جو مهاڳ سائين امداد حسيني لکيو آهي. پاڻ بدر ابڙي بابت ڳالهائيندي هڪ هنڌ لکيو اٿن ته؛ ” بدر جا لفظ سُڏڪا آهن دل جا ، سِٽون وِيران گهٽيون آهن دل جون . گهر جي رستي جي ڳولا به ، ته گهر نه ملڻ جي چاهنا به ! ڏوريان ڏوريان مَ لهان واري ڪيفيت ! گهر هلي ڇا ڪريون ؟ وارو سوال ! وطن ۾ بي وطنيءَ وارو درد – بدر جي سِٽُن ۾ ڇُلي ٿو پوي . جن دوستن بدر کي شاعر چوڻ جي سخاوت ڪئي آهي ، اهي غلط به نه آهن “.

ٿُلهي ليکي هن ڪتابَ ۾ جيڪي موضوع  آهن ، تن ۾ زندگي ، موت ، نصيحت ، پِيڙاءَ ، خوابَ ، خيالَ ، پهڻن ۾ ڪيل پنڌ ، عشق ، محبت ، عبادت ، دُعا ، موت ، آخرت ، فقيري ، تخليقَ ، ڪائنات ، تخليقڪارَ ، ماڻهو جو جسم ۽ روح ، صوفي ازم ، ڪامريڊ ۽ انقلاب ، ٿر جو پسمنظر ، کيرٿر ۽ ڪاڇي جو پسمنظر ، ڪوهستان جو پسمنظر ، شعور جو سفر ، مذهبي عقيدا ، ڏُک ۽ سُک ، گِيان ، تواريخي ماڳَ مڪانَ ، بيخودي جو جهان ، چنڊ ۽ چانڊوڪي ، ڌرتي ، سڄڻ ۽ ساڻيهه ، شاهه لطيف جي شاعري کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، ڪبير جي شاعري کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، مَهاتما ٻُڌ جي ڳالهين کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، آچاريا چاڻڪيا ڪوٽليا کان متاثر ٿي لکيل تاثر ، ماڻڪ جي ڪهاڻين کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، ماءُ کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، سنڌو ندي جي سفرَ کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، سنڌي سمنڊ کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ، زمان ۽ مڪان کان آزاد ٿي لکيل تاثرَ ، 2010ع واري مها ٻوڏ کان متاثر ٿي لکيل تاثرَ ،  مئڪدو / مئخانو ، فقيرن جي دنيا ، قربانيءَ جا احساسَ ، لاهوت ۽ لاهوتين جي دنيا ، جوڳين ۽ مستن الستن جي دنيا جون ڳالهيون ، قافلا ۽ قافلا سِرائون ، موکي ۽ متارن جي قصي جي پس منظر ۾ لکيل تاثرَ ، تِيرٿ ، ڪُنڀَ ، سسئي جا پنڌَ ، پيچرا ۽ نوجوانن لاءِ سبق آموز ڳالهيون شامل آهن .   ان کان سواءِ هن ڪتابَ جا ڪجهه جملا پاڻ ۾ وڏي گهري معنيٰ رکن ٿا ۽ شايد ليکڪَ جي زندگي جي تجربن جو نِچوڙ آهن! جيئن هڪ هنڌ لکيل آهي ته؛ ” جنهن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ، سو مري چڪو ، ۽ جنهن خوابَ وڃايا سو پاڻ وڃائجي ويو“.

هن ڪتابَ ۾ بدر ابڙو لکي ٿو ته؛ ” اي مهاتما ! هي جنم مون سنڌ جي عجيب صحرا ۾ هلي هلي ڪافي فاصلا کُٽائي ڇڏيا آهن . مون کي ڀٽائيءَ سنڌ جي جاگرافي ۾ نرواڻ جو متو سمجهايو آهي. مون کي ورڻاسي ، مرگهه ون ، ٻُڌ گايا ۽ گنڌارا وڃڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي . مون لاءِ سنڌ ئي وڏو تيرٿ آهي. مون لاءِ سنڌ ۾ ٻُڌيه جا پراڻا تيرٿ به عربستان جي صحرائن وانگر کليل آهن .“

ان کان سواءِ ليکڪ هڪڙي ٻئي هنڌ هيئن لکيو آهي ته ؛ ” لاهوت جي پنڌ لاءِ ڪو سونهون گهرجي ، جنهن جا اهڙا پنڌ ٿيل هجن ، ان جي رهنمائي گهرجي . اڄ جيڪي به قافلا اوڏانهن وڃن پيا ، اهي راهه ڀٽڪايو ڇڏين . رڍن جي اڳواڻي بگهڙ پيا ڪن ! مون کي پنهنجي واٽ وٺڻي پوندي . آئون اها راهه وٺندس ، جيڏانهن منهنجو من چوندو ته اها ئي واٽ لاهوت جي آهي .“

مطلب ته هي ڪتاب اهڙن قسمن جي جملن تي مُحيط آهي ۽ ليکڪَ مختلف وقتن تي مختلف ڪيفيتن ۾ رهندي هي ڪتاب سرجيو آهي. هن ڪتابَ  ۾ ڪٿي ڪٿي ڪن تاثرن لکڻ جي تاريخ به ڏنل آهي . لڳي ائين ٿو ته ليکڪَ پنهنجي دل جو بار ڪاغذ تي لاٿو آهي ۽ پنهنجي دماغ ۾ ڊوڙندڙ خيالن کي لفظن جو روپ ڏنو اٿس . منهنجي خيال ۾ هي ڪتاب نوجوانن لاءِ ڏاڍو ڪارآمد ثابت ٿيندو ، ڇو جو ليکڪَ ڄڻ ته پنهنجي سڄي عمر جو تجربو ۽ ڏاهپ هن ڪتابَ ۾ سمائي ڇڏي آهي ، جنهن کي پڙهي نوجوان گهڻي کان گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

روشني پبليڪيشن ، حيدرآباد پاران ڇپرايل هي ڪتاب ٻه سئو اٺاسي صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو مختلف وقتن تي نويڪلائي ۾ ويهي پڙهجي ته هن مان تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.