پي ٽي آءِ وارا نڪ جا ڏاڍا ٿي ويا آهن: محمد زبير

ڪراچي(رپورٽ: غلام مهدي بلوچ) اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا نڪ جا ڏاڍا ٿي 60 صفحن جي رپورٽ تي ڪجهه ڏينهن خاموش رھڻ بدران چون ٿا ته انھي رپورٽ ۾ ڪجهه ناھي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪلين رپورٽ ھئي ته اٺن سالن تائين ڇو دٻائي ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن رپورٽ آخر ڪيستائين دٻائي ھا، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته حلف نامي ۾ ڪوڙ ناھي ڳالھايو، سرٽيفڪيٽ ۾ڪوڙ ڳالھايو آھي اھو سڀ مڃين ٿا. هن چيو ته ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ حلف نامي ۾ فرق پيا ٻڌائين ٿا ۽ ڪوڙ پڪڙجي ويو ته چون ٿا ته عمران خان فـانس جو ماھر ناھي انھي ڪري ھن ته صحيح ڪري ڇڏي.

جنرل اچي سگهن ٿا ته جاويد اقبال پي اي سي ڇو نٿو اچي سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا اظهار چيو آهي ته جنرل باوردي اچي سگهن ٿا ته اڳوڻو نيب چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪمٽي ۾ ڇو نٿو اچي سگهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي پنهنجي ڪميٽي پٺيان بيهڻ گهرجي، ڪا عورت نيب ۾ اچي وڃي ته ان جو جيڪو حال ٿيندو آهي اهو نور عالم خان ٻڌائي ڇڏيو، هن اڳوڻي نيب چيئرمين جي طلبي روڪڻ تي عدالتي حڪم تي تنقيد ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو جج رهندڙ شخص عورتن کي هراسان ڪري ٿو، جاويد اقبال کي جسٽس نه چوندس، هو ڏوهاري آهي، هن چيو ته سمورا پارليامينٽ ميمبر، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ سرڪاري ملازم پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻ جا پابند آهن

عدالت ايم پي اي عبدالرشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري ۾ جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد سميت ٻين خلاف ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران پوليس کي ٽن ڪيسن ۾ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت گهروکاتي جي سيڪريٽري، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سٽي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، عبدالرشيد ۽ ٻين تي احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

عمران نيازي لاءِ الڳ پاڪستان نٿو ٺهي سگهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار ڪي ايم سي سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران نيازي لاءِ الڳ پاڪستان نٿو ٺهي سگهي. اوھان کي جيڪو سٺو لڳي اھو سھي جيڪو برو لڳي اھو خراب ھاڻي گھڻو ٿي ويو، ھاڻي بليڪ ميلنگ نه ھلندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.  هن چيو ته  2014 کان اليڪشن ڪميشن سھي آھي جڏھن فيصلو محفوظ ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن خراب ٿي وڃي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.