ڏوڪري ۾ جهيڙي جو زخمي فوت ٿيڻ بعد ڳوٺ تي ڪاهه، فائرنگ، گهرن کي باهه

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪريءَ جي چنه پل ڀرسان شراب جي گتي تان شراب ۾ رعايت نه ڏيڻ جي معمولي ڳالھه تان ٿيل جهيڙي بعد معاملو سنگين، جتوئي برادري جي ھٿياربندن جي ڳوٺ محرم چانڊيو تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪندي گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، جڏهن ته گذريل ڏينهن 25 کان جتوئي برادري جي هٿياربندن ھٿيارن جي زور تي موريا برادري جي منور موريو، انور موريو،خالد موريو جي گهرن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان کڻي گهرن تي قبضو ڪري تالا لڳائي ڇڏيا آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته چنه پل وٽ شراب جي گتي تان شراب شهري انور مورئي طرفان 50 روپيا رعايت وٺڻ تان گٿي تي موجود جتوئي برادري جي گارڊ شهري انور مورئي تي تشدد ڪيو، اتي موجود سعيد چانڊئي جهِيڙو ٽاريندي ٻنهين کي ڇڏائي ورتو ۽ واپس موٽي ھيا ويا. جنهن بعد جتوئي برادري جي ھٿياربندن ڳوٺ محرم چانڊيو تي حملو ڪيو ۽ چانڊيا ۽ جتوئي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نوجوان نظام الدين جتوئي سميت ٻنهين برادري جا ماڻهو زخمي ٿي پيا ھئا. ٻه ڏينهن اڳ زخمي نظام الدين جتوئي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ بعد جتوئي برادري جا ماڻهو ڳوٺ محرم چانڊيو ڳوٺ تي حملا ۽ موريا برادري جي ٽن گهرن تي قبضو ڪري ورتو آهي ھوڏانھن سڄاڻ ڌرين طرفان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي معاملي جي جاچ ڪري معاملو حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.