ميهڙ ۾ جج جي ڀاءَ سميت 2 ڄڻن کان ڦرلٽ، مزاحمت تي زخمي

ميھڙ (ت ر) ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميهڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ نورشاھ درگاهه ڀرسان نامعلوم هٿياربند سول جج محمد انعام  ڪلھوڙو ۽ سرڪاري وڪيل عبدالصبور ڪلهوڙو جي ڀاء مصور ڪلھوڙو ۽ آڌار چانڊيو کي روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس موٽر سائيڪل 4 موبائل سيٽ ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي جڏهن ته ڦر دورن مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گوليون هڻي ٻنھي نوجوانن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا  زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي کيس طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو واقعي جو اطلاع ميهڙ ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي جڏهن ته پوليس ڪابه ڪاروائي ڪري ناهي سگهي واضع رهي ته ميهڙ ۾ بدامني ۽ پوليس خلاف واپارين اڄ شٽربند هڙتال به ڪئي هئي پر ان باوجود به بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.