سلمان خان کي موتمار ڌمڪيون، راکي ساونت باڊي گارڊ بڻجڻ لاءِ تيار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بولڊ اداڪارا راکي ساونت باليووڊ سلطان سلمان خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

گذريل مهيني باليووڊ اداڪار سلمان خان کي موتمار ڌمڪيون مليو هيون، جنهن بعد دبنگ خان پنهنجي حفاظت لاءِ هٿيارن جي لائسنس جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان خان کي ملندڙ ڌمڪين کي راکي ساونت سنجيدگي سان ورتو ۽ دبنگ خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

رپورٽن موجب اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت چيو ته هوءَ سلمان خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ چاهي ٿي ته جيئن ڪير گولي هڻي ته پهريون کيس لڳي.

راکي ساونت چيو ته سلمان خان سان سٺو تعلق آهي ۽ هن جي سلامتي جي دعاگو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.