غازي ڳوٺ کي پڪو ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي ويو، 16هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري)عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي مسمار ڪري ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪرڻ ۽ پرامن احتجاج ڪندڙن تي ڪوڙا ڪيس داخل خلاف رهواسين جو 16هين ڏهاڙي به احتجاج جاري،مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان،احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت ڪري  ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو،خبر موجب عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي متاثر عورتن ۽ مردن جو رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ، ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ ڳوٺ کي بنيادي نه ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ واري آپريشن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن توڙي روينيو عملدارن کي معطل ڪرڻ باوجود سرڪار جو ڪو به نمائندو ڳوٺاڻن وٽ نه آيو آهي احتجاجي ڪئمپ تي ڪراچي سوشل فورم چيئرمين محبوب عباسي، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو ،ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري،جسقم اڳواڻ علي رضا هليو، آغا شاهه زمان، ناليواري اداڪار اسد قريشي، پروفيسر حميد سبزوئي، بهار فائونڊيشن چيئرمين سچل وڌو،صحافي عاجز جمالي،عنايت کٽياڻ، پنهل لاڙڪ، معشوق منگي،مجيب کھاوڙ، پ پ اڳواڻ تاج محمد بنگلاڻي، فقير ارشاد لغاري، محمد يعقوب سمون ۽ ٻين وڏي انگ ۾ ڪئمپ تي شرڪت ڪري متاثر ڳوٺاڻن سان يڪجهتي ڪئي ان موقعي تي محبوب عباسي چيو ته بلڊر مافيا پوليس سان گڏجي بدمعاشي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي فائرنگ ۽سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو ۽ ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ چاهيو جيڪي ناڪام ٿيا ۽ انهن کي معطل ڪيو ويو پر اهو ناڪافي آهي بلڊر خالد يوسفي پنهنجي ڪارندن سان گڏجي حملو ڪيو، سڀ ڳوٺاڻن جا سڀ مطالبا پورا ڪيا وڃن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفي چانڊيو چيو ته سنڌ پوليس ۽ سرڪار جو جارحيت جو مظاهرو ڪيو هن مهل تائين ڪو به سرڪاري ذميوار ڪئمپ تي نه پهتو آهي جيڪو مسئلن جي حل جي ضمانت ڏي جدوجهد جو پهريون مرحلو ڪامياب ٿيو آهي هاڻ ليز ۽ ڪيل نقصان جي ازالي تائين جدوجهد جو ٻيو مرحلو جاري رهندو، مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پهرين ڏينهن کان ڳوٺاڻن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سڀني معاملن جي نبيري تائين گڏ بيهندي ڪراچي جي سڀني آبادين جو تحفظ ڪنداسين بلڊر مافيا ۽ سندس ساٿارين کي ڳوٺاڻن جي ڪيل نقصان جو مڪمل ازالو نه ڪرڻ تائين جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏينداسين اسد قريشي چيو ته پوليس غازي ڳوٺ جي عورتن تي حملو ڪري يزديت جو مظاهر ڪيو سنڌين کي لاوارث سمجهي ڳوٺ ڊاهيا پيا وڃن انتظاميا کي ڪٽي پهاري، ڪوچي ڪئمپ ۽ افغان بستي نظر نه پئي اچي پر قديم سنڌي آباديون اک ۾ ڪنڊي جيان چڀ پيون جيستائين ڪو صوبائي وزير اچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل نه ڪندو تيستائين احتجاج جاري رهندو آغا شاهه زمان چيو ته سنڌ سرڪار ڪجهه عملدارن کي معطل ڊرامو ڪيو آهي ڊاڪٽر الطاف چيو ته اسين ڳوٺاڻا ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ ويهي انتظاميا سان نه ڳالهائيندا سين جنهن کي به اچڻو آهي ته هو اسان جي احتجاجي ڪيمپ تي اچي ميڊيا جي موجودگي ۾ ڳالهيون ڪري ڇاڪاڻ ته هاڻ اسان سان سڄي سنڌ گڏ آهي پروفيسر حميد سبزوئي چيو ته ڪراچي ۾ هميشه تعصب جي بنياد تي سنڌي آبادين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ڳوٺن جون زمينون مهانگيون ٿيڻ کان پوءِ بلڊر خالد يوسفي غريبن کي لڏائي پنهنجو پيٽ ڀرڻ چاهي ٿو جيڪو قابل مذمت عمل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.