وزيراعظم پاران قوم کي بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي، متاثرن جي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. اڱاري  تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيان آهي.حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسين جيستائين متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.