چيف اليڪشن ڪمشنر تي استعيفيٰ ڏيڻ يا فيصلي ۾ دير لاءِ دٻاءُ هو

لاهور (تبصرو: عمران شفقت ) اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران پراجيڪٽ کي جاري رکڻ جا خواهشمند هاڻي ان کي چاهيندي به جاري رکي نه سگهندا. ڇو ته اهو پراجيڪٽ  جاري رکڻ وارن جو چيف اليڪشن ڪمشنر تي وڏو دٻاءُ هو. بقول نالي واري صحافي حامد مير جي ته هڪ طاقتور شخصيت  فون ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چيو هو ته استعيفا ڏيو يا فيصلي ڏيڻ ۾ دير ڪريو پر سڪندر سلطان راجا دٻاءُ  قبول نه ڪيو ۽ فيصلو ڏئي ڇڏيو،هڪ  شڪايت ته مولانا فضل الرحمان به اٽڪ پار جو اشارو ڏئي ڪئي هئي، سو نه ٿو لڳي  ته ڪا هڪ شخصيت دٻاءُ وجهي اهو دٻاءُ  اها  شخصيت  جنهن به اداري ۾ آهي ان اداري جو دٻاءُ  سمجهڻ گهرجي، ٻيو سوال آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ هو ته ڇا اهو دٻاءُ عدالت تي نه ايندو ۽ ڇا اتي قبول نه ڪيو ويندو، ماضيءَ  جا ته ڪجهه مثال اهڙا آهن ته انصاف گهر ۾ ويٺلن دٻاءُ  قبول ڪيو آهي پر هن ڀيري صورتحال  مختلف آهي، ان ڪري دٻاءُ  قبولڻ جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ۽ ڪو وڏو حادثو به رونما ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پاڪستان آهي ۽ هتي ڪجهه به ممڪن آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.