غازي ڳوٺ آپريشن تي جاچ ڪميٽي رپورٽ رد ڪريون ٿا: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته غازي ڳوٺ ۾ سنڌي نياڻين مٿان گوليون هلائي، عورتن ۽ ٻارڙن کي زخمي ڪري، مٿن وحشياڻو تشدد ڪندڙن جي سنڌ حڪومت سرپرستي ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل جاچ ڪميٽي کي سنڌ جو عوام مڪمل طور رد ٿو ڪري. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته اعليٰ عدالت جي حاضر سروس ججن تي مشتمل جاچ ڪميشن جوڙي صوبي جي چيف ايگزيڪٽو سميت سمورن ذميوارن کي جاچ ۾ شامل ڪري سنڌ جي نياڻين مٿان گوليون هلائي، سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. اڳواڻن چيو آهي ته ڪوريج ڪندڙ صحافين سميت ٻين بيگناهه ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ سنڌ حڪومٿ جو شرمناڪ عمل آهي. سنڌ حڪومت فوري طور تي ڪيس واپس وٺي. اڳواڻن چيو آهي ته  غازي ڳوٺ کي پڪو به ڪيو ويو هو ۽ 2016ع ۾ به ڊاهڻ جي سازش ڪئي وئي، جنهن تي ڳوٺاڻن عدالت مان اسٽي آرڊر وٺي، قانوني طور رهائش اختيار ڪئي تنهن هوندي به سنڌ حڪومت سنڌين جي قانوني تقاضائن تي پورو لهندڙ ڳوٺ کي ڊاهي پٽ ڪري، افغانين ۽ ٻين پرڏيهين جون غيرقانوني وسنديون پڪيون ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو  ته سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو سلسلو بند ڪري، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جي امن امان کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ي پاسي 11 سالن جي معصوم نياڻي آسيه چانڊيو جي اسڪول مان اغوا جي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نياڻي کي فورن بازياب ڪرايو وڃي. اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته معصوم آسيه جي بازيابي لاءِ اڄ کان وارهه شهر ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.