سنڌوءَ ۾ چاڙهه کانپوءِ خيرپور جو ڪچو ٻڏي ويو، لڏپلاڻ شروع

خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال) سنڌو درياءُ ۾ چاڙه کانپوءِ خيرپور جي ڪچي وارين علائقن جاگير بند، ڳاڙهي موري، الرا بند، فيض محمد ٻنڊو، ڪيٽي پير پاڳاره، ڪيٽي ممتاز ڀٽو ،لانڍيون سميت ڪچي جي مختلف علائقن ۾ سنڌو درياءُ جي  پاڻي ڪچي کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ووئڻن ،جوئر، ٻاجهري، گنوار سبزين جا فصل پاڻي هيٺ آهي، جڏهن ته ڪچي جي سوين ڳوٺڻ ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ماڻهون لڏ پلاڻ تي مجبور آهن، هن سلسلي ۾ ڪچي جي رهواسين انور علي کيڙو، نبي ڏنو الرو، نور محمد ناريجو، فيض محمد ڀٽو، محمد اعظم ڪلهوڙو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌو درياءُ ۾ وڌيڪ پاڻي وهڪرن کانپوءِ خيرپور جي ڪچي جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، پر ضلعي انتظايامن ڪچي ۾ پاڻي هيٺ ڦاٿل ڳوٺاڻن جي ڪا به واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن بڌايو ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت نقل مڪاني ڪرڻ، ڪچي کان پڪي طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري ڳوٺاڻن هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن،  هن سلسلي ۾ خيرپور جي سماجي اڳواڻن ايڊوڪيٽ عبدالرزاق ميتلو، راجا خان ميتلو، اڪبر علي سيال، ايڊوڪيٽ محمد نواز شر ۽ ٻين ضلعي انتظاميان کان مطالبو ڪيو آهي ته خيرپور جي ڪچي ۾ سنڌو درياءُ جو پاڻي داخل ٿيڻ سبب ننڊي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ڪچي واسين جي فوري طور سرڪاري سطح تي مدد ڪري کين بنيادي سهولتون فراهم  ڪيون وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.