شهيد جوان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري رهيا هئا: چوڌري شجاعت

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جيصدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين هيليڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ غم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جا اهي سپاهي ٻوڏ ۾ ڦاٿل متاثرن جي امدادي ڪاررواين دوران شهيد ٿيا، ملڪ جي حفاظت ۽ سلامتيءَ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته امن ۽ سلامتي هجي يا قدرتي آفتون پاڪ فوج هميشه پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏنيون آهن. سڄي قوم پاڪ فوج جي لازوال قربانين تي کين سلام پيش ڪري ٿي. هن دعا ڪئي الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرماءِ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.