خيرپور: زميني تڪرار تان ڀنگ خاطر اغو اٿيل ڳوٺاڻو آزاد

خيرپور (س ر)خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ابل خان ڪانڌڙو جي رهواسي ڪانڌڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان 10 جون 2022 تي مبينيٰ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز ميتلو ڀرسان هٿياربندن  هٿان مبينيٰ اغوا ٿيل رياض حسين ولد قادر بخش ڪانڌڙو کي گذريل رات دير سان خيرپور مان لاڙڪاڻي منتقل ڪرڻ دوران ٽنڊومستي ڀرسان خيرپور لاڙڪاڻه روڊ تي پوليس جي چيڪنگ دوران جوابدارن طرفان مغوي رياض حسين ڪانڌڙو کي ڇڏي فرار ٿي ويا. ٽنڊومستي توڙي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس طرفان جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ خلاف مغوي رياض حسين ڪانڌڙو پنهنجي ڀاءُ قربان علي ڪانڌڙو سان گڏجي خيرپور ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته جوابدار حسين علي ولد عزيزالله، امداد ولد دلمراد، سجاد ولد ولي محمد ۽ نيڪ محمد ولد حبيب الله ڪانڌڙو سان زميني تڪرار آهي. جن ان ضديت تان 10 جون 2022 تي رياض حسين ڪانڌڙو کي اغوا ڪري ڏهه لک روپيه ڀنگ گهريو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ماري خون ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هن ٻڌايو ته گذريل رات دير سان خيرپور کان لاڙڪاڻو منتقلي دوران ٽنڊومستي پوليس جي روڊ تي چيڪنگ کي ڏسندي جوابدارن مغوي رياض حسين ڪانڌڙو کي ڇڏي فرار ٿي ويا. هنن ٻڌائيو ته پوليس جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري. هنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي سکر ـ ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن رياض حسين ڪانڌڙو کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو آهي جن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.