نصيرآباد گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت استعمال لائق نه رهي

نصيرآباد (ت ر) نصيرآباد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول شيخ محلا جي حالت انتھائي خراب ٿي وئي. نياڻين جي ويھڻ لاءِ ٽٽل فرنيچر  رکيو ويو، اسڪول جي عمارت استعمال جي لائق نـ رھي، عمارت ڪنھن بـ صورت ۾ استعمال جي لائق نـ آھي ان کان علاوه اسڪول لاءِ مھيا ڪيل پکو پڻ ٽٽل آھي، جنهن جا پر پڻ غائب ڪيا ويا. شهرين جو چوڻ آهي تـ چونڊيل نمائندن جو اسڪول طرف ڪو بـ ڌيان ناهي، حڪمران جماعت بـ سستي ۽ ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.هنن چيو ته  متبادل عمارت جو بندبست ڪري اسڪول کي شفٽ ڪيو وڃي، اسان پنھنجن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ چاھيون ٿا پر ھن جڳهھ ۾ اسان پنھنجن نياڻين کي تعليم نه ٿا ڏياري سگھون، ھن اسڪول ۾ سندن جان کي خطرو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.