هي همراهه 22 سالن کان ناهي وهنتو ! سبب ڄاڻي اوهان به حيران ٿي ويندا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏينهن تائين نه وهنجي ته بي چين ٿي پوندو آهي پر اوهان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿيندي ته هڪ شخص 22 ورهين کان بنا وهنجڻ جي زندگي گذاري رهيو آهي.

62 ورهين جو ڌرم ديو رام 40 ورهين جي ڄمار کان ناهي وهنتو جنهن سبب به انوکو آهي.

ڌرم ديو رام 40 ورهين جي عمر ۾ قسم کڻي ورتو هو ته جيستائين عورتن تي تشدد، زميني تڪرارن تي جهيڙا ۽ جانورن جو مارجڻ بند نه ٿيندو تيستائين هو نه وهنجندو.

حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته 22 ورهين کان وهنجڻ کانسواءِ زندگي گذاريندڙ ڌرم ديو جي صحت تي ڪو اثر ناهي پيو ۽ نه ئي هو بيمار ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.