هن وڻ جي ويجهو وڃڻ تي ڏنڊ ۽ سزا به ملي سگهي ٿي !

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جو سڀ کان اوچو وڻ آمريڪا ۾ آهي پر اتي وڃڻ تي اوهان کي سزا به ملي سگهي ٿي.

ڪيليفورنيا جي ريڊ وڊ نيشنل پارڪ جي انتظاميا چيو آهي ته ان جي حدن ۾ موجود هائپريئن نالي وڻ کي خطرا آهن ان لاءِ ان جي ويجهو وڃڻ تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون پيون وڃن.

ريڊ وڊ نالي هن وڊ جي اوچائي 116 ميٽر آهي جنهن جو نالو يوناني ديوتا تي رکيو ويو آهي.

هي پارڪ جي اندر سڀ کان پري آهي جتي ڪو ڪچو رستو ناهي ۽ هن جي پاسي ۾ ساوڪ آهي.

هن وڻ ڏانهن ويندڙ تي 5 هزار ڊالر ڏنڊ ۽ 6 مهينا قيد جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.