ٻه نمبر ڀاڻ ۽ آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪريو، جيڪب آباد ۾ پ پ ش ڀ جو ڌرڻو

جيڪب آباد ( ڊر ) پ پ  شھيد ڀٽو ضلعي جيڪب آباد پاران شھر اندر غير معياري ٻه نمبر هٿرادو ملاوٽ وارو ڀاڻ ۽ نقلي دوائون وڪرو ڪندڙ  واپاري  لال چند سيتلاڻي  خلاف  آفيس شھيد ڀٽو هائوس کان احتجاجي ريلي پ پ ش ڀ جي ضلعي صدر سعيد احمد بروهي، نائب صدر نور محمد منجهو، جنرل سيڪريٽري عبدالسميع سومرو، محمد سليم بروهي، نظير احمد لاشاري، بابل خان ڪوريجو جي اڳواڻي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ عباس خاراني، خادم حسين سولنگي، ٽائيگر بابا علي شير منجهو وسيم ابڙو نگار حسين بروهي، شاهزيب ڪوريجو، علي جان صدام سومرو سميت ڪيترن عهديدارن سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شھري پڻ شريڪ هئا، ريلي شھر جي مختلف رستن کان مارچ ڪندي شھر جي ڊي سي چوڪ تي پهتي جتي مظاهرين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ پڻ هئا جنهن تي هي نعرا پڻ درج ٿيل هئا سرڪاري ريٽ کان وڌيڪ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪريو، بند ڪيو بند ڪيو ٻه  نمبر ڀاڻ بند ڪيو، آبادگارن جو معاشي قتل آم بند ڪيو، نقلي دوائن جو وڪرو بند ڪيو، گرفتار ڪيو گرفتار ڪيو بليڪ ميلر اڳواڻ لال چند سيتلاڻي کي گرفتار ڪيو، مظاهري اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي پريس ڪلب پهتا جتي مٿين اڳواڻن ريلي کي پڻ خطاب ڪندي چيو ته لعل چند سيتلاڻي هڪ خطرناڪ قسم جو ٻه نمبر ماڻهون آهي شهر اندر نقلي پسٽي سائيڊ جو ڪاروبار ڪندڙ واپاري نقلي ٻج ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن يوريا ڀاڻ جي ٻوري رقم 1850 ۽ ڊي اي پي ڀاڻ رقم ڏهه هزار آهي پر مافيا يوريا 28 سئو ۽ ڊي اي پي 13 کان 14 هزارن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن  جيڪب آباد جي سياسي تنظيمن سان مشوري ڪري وڌيڪ لعل چند سيتلاڻي خلاف لائح عمل جوڙيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.