ڪنب ۾ ساليانا ماتمي جلوس اڄ 3 محرم الحرام تي برآمد ٿيندو

ڪنب (ن ع آ) ڪنب ۾ ساليانا ماتمي جلوس اڄ 3 محرم الحرام تي سجاديا امام بارگاھ کان شيعا رابطا ڪائونسل ضلع خيرپور جي صدر سيد جعفر علي شاھ, منظور حسين جعفري جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيـندو جنھن ۾ عزادارن پاران سينا زني جو ماتم ڪيو ويندو جڏهن ته جلوس ۾ مختلف ھنڌن کان ماتمي جلوس پھچي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيندا جتي مختلف انجمن پاران نوحا خواني ڪئي ويندي جلوس پنهنجي روايتي روٽن کان ٿيـندي شھر جي مکيا بازار کان گذر ڪري مرڪزي حسيـني امام بارگاھ وٽ اختتام پزير ٿيندو جڏهن ته ماتمي جلوس ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستن کي گاڏين جي آمد و رفت لاء بند رکيو ويندو ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت رکيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.