چيلهار ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، اسڪيمون تباهه

چيلھار ( رپورٽ: جتيندر باغي ) چيلھار شھر ۾ پئيڻ جيپاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي شھر جي 10 ھزار کان مٿي آبادي پئيڻ جي پاڻي لاء تڙپي رھي آھي جڏھن ته پاڻي کوٽ بابت عوامي آواز چيلھار سروي ڪئي ته معلوم ٿيو چيلھار شھر ۾ 10  ھزار آبادي ۾ ڪٿي به مٺو پاڻي موجود ناھي شھر واسين کي مٺو پاڻي ڏيڻ لاءِ جيڪا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري اسڪيمون منظور ڪيون ھيون اُھي تباھ بڻجي ويون آھن اسڪيمن بابت بابت ذڪر ڪنداسين آر او پلانٽ بند ملازمن جون پگھارون بند مٺي کان چيلھار تائين مٺو پاڻي جي پائيپ لائين جو ڪم رولڙي جو شڪار ته ڪٿان شھر واسين کي مٺو پاڻي ملندو انڪري چيلھار واسي صدين کان واٽرسپلاء جي کارو گندگي بيماريون پيدا ڪندڙ پاڻي پيٽ کاڌ پيتي ونھنجڻ سميت ٻي ڪم استعمال ڪن ٿا اُھا به بند ٿي ويو آھي ان حوالي سروي ڪئي ته پتو پيو واٽرسپلاء چيلھار لاوارث ھُجڻ ڪري پاڻي فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام آھي شھر ۾ 5 کن بورنگ آھن جنھن ۾ اڪثر بورنگ خراب آھن واٽرسپلاء اندر لڳل وڏا جرنيٽر غائب آھن ڪافي لوھ جي مشينري غائب آھي ھلڪيون موٽرون لڳائي نالي ماتر واٽرسپلاء بڻائي ڇڏيو آھي اھڙي حالت ھُئڻ باوجود تڪ جا چونڊيل نمائيندا توڙي ذميوار ڪامورا ڀري ننڍ ستل آھن ھن وقت ھفتي کان مٿي عرصو گُذريو آھي شھر ۾ کارو پاڻي به ناھن ڏنو کارو پاڻي جتان وال کولي ڏين ٿا ان ۾ پير وجھي گندگي مڪس سپلاء ڪري رھيا آھن چيلھار واسين سنڌ ھاء ڪورٽ چيف منسٽر سنڌ سميت اعلي اختيارين کان گُھر ڪئي پاڻي جو مسئلو حل ڪري بيچيني ختم ڪري حق ادا ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.