فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلائتو مرحلو نيٺ اچي ويو 

رياض ابڙو 

2014 کان وٺي فارين فنڊنگ وارو فيصلو لاڳيتو تاخير جو شڪار ٿيندو ٿو اچي. ان ڪري ته هن خان پنهنجي سرڪار ۾ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو پر رڳو اهو ضرور ڪيائين ته نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ ڪري، اليڪشن ڪميشن کي رنڊائي، اليڪشن ڪميشن تي الزام تراشيون ڪري رڳو انهن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جون حرفتون هلندو رهيو ٻيو ڪجهھ به نه، هي شخص رڳو پريشر ڪري ڪڏهن ڪورٽن کي پنهنجي پاسي ٿو ڦيرائي ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي ڪيل فيصلن تي اثراندز ٿو ٿئي، صرف ان ڪري ته جيئن اليڪشن ڪميشن جي ڪيل فيصلن يا ڪورٽ جي محفوظ ڪيل فيصلي کي رڳو ٽاري سگهجي، پر قانون ته حرڪت ۾ اچڻو آ.

اها ڳالھه  به ڏسون ٿا ته 8 سالن جي فيصلي کي ٽاري رڳو 8 ڪلاڪن جي فيصلي کي اهميت ڏني ٿي وڃي ان ڪري ته متان عمران خان صاحب ناراض ٿئي ۽ يا متان خان اهو سمجهي ته سازش اڃان پئي ٿي ٿئي يا مداخلت ختم ناهي ٿي، ڀلا رڳو رجيم چينج تي شيون اثرانداز ڇو ٿين، يا رڳو رجيم چينج تي وزيرن جي ڇو هلي، يا مثال جي رجيم چينج جي ڳالھه  آ ته عسڪري ادارن جي ڪرتا ڌرتا تي به اثرانداز ٿين، ڪورٽون به مرضيءَ جا فيصلا ان اثر ۾ ڏين يا اليڪشن ڪميشن به ٻين جي نه ٻُڌي، پر ڳالھه  اها به سمجھڻ جهڙي ته ”ٻڪري ڪيترا ڏينهن ڪاسائي کان بچيل رهندي“ ان ڪري ته هن شخص جا ڪرپشن جا ڪيس، مني لانڊرنگ جا ڪيس، يا هن جا ذاتي ڪيس (جن تي ڳالهائڻ صحيح ناهي) پر پوءِ به ايماندر ڇو؟ ڀلا هن شخص جي معاشرتي اصولن موجب جيڪي به شيون ظاهر ٿين ٿيون اهي پوءِ به بي ايماني ۽ بدديانتي واري زمري ۾ نه ٿيون اچن، ته پوءِ بي ايماني ۽ بدديانتي کي ڪهڙا سنڱ ٿيندا آهن.

هاڻي اتي اها ڳالھه  به ٻاراڻي ٿي لڳي ته پهرين نون ليگ کي پڪڙيو، پهرين پي پي وارن کي ٻَڌو يا پهرين مولانا کي جيل جا منهن ڏيکاريو پوءِ پي ٽي آءِ جو نالو وٺو، معني هي به ان لسٽ ۾ شامل ڪجن جنهن لسٽ ۾ هي پاڻ ٻين کي ڳڻيو ويٺو آ، ان ڪري “رانجها رانجها کردي مين آپ هي رانجها هوئي“ چورچور ڪري هي پاڻ به مڃي ٿو ته هي چور آ، ڇو ته هن جا ساٿي به ڪرپٽ آهن، گوگي جي ڪرپشن واضح آ، ڪووڊ ۾ ڪيل ميلن ڊالرز جي ڪرپشن هن جي ئي ڪيل آ، مني لانڊرنگ ۾ جهانگيرخان ترين سان هي پاڻ ٻانهن ٻيلي هيو، ان ڪري هي رڳو گوڙ ڪري يا ”چور مچائي شور“ واري ڳالھه  ڪري پاڻ کي ٿو بچائي، پر جي هي پاڻ انهن فارين فنڊنگ وارن ڪيسن کان آجو آ ته هي پاڻ انهن سڀني ڪرپٽ وزيرن کي به وائکو ڪري ته جيئن ٽرانسپيرنسي ظاهر ڪري سگهجي.

هنن جي هڪڙي ڊاڪٽر شهباز گل جو اهو چوڻ به سمجهڻ جهڙو آ ته اسان فارين فنڊنگ وارا پيسا ڀري ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، اتي انهن جي فلاسافي به ڏاڍي دلچسپ آ ته جنهن ۾ هي اها ڳالھه  مڃن ٿا ته هنن فارين فنڊنگ جي چار هزار اڪائونٽن ۾ پيسا پئي گڏ ڪيا آهن پوءِ اهي 53 اڪائونٽن ۾ وري اُٽلائي ۽ آخر ۾ رڳو 8 شخصن جي اڪائونٽن ۾ پيسا پئي جمع ڪرائندا رهيا آهن (جيڪي خاص الخاص اٿس) پوءِ اهي شخص هن جي پارٽي جا خرچ به پيا هلائيندا آيا آهن، جڏهن ڪو به شخص، ڪا به پارٽي، ڪهڙو به سياسي ٽولو جيڪڏهن ڪنهن به طريقي ڪنهن به ٻاهرين ملڪن، شخصن، آرگنائيزيشن، ايجنسين، ادارن يا سياسي سماجي پارٽين کان پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي لاءِ جي پيسا جمع ڪندو ته اهو اليڪشن ايڪٽ 1962، 1974، 2002 ۽ 2017 تحت ڏوهي هوندو ۽ جيڪڏهن ثابت ٿي ويس ته انهن جي پارٽي تي پابندي لڳي سگهي ٿي.

2004 کان وٺي متعدد دفعا اليڪشن ڪميشن هن کان پئي پڇي ڪندي رهي آ ته خان صاحب اهي پيسا ڪاڏهون آندا، انهن وٽ اهي فنڊ ڪٿان ٿا اچن يا ڪير انهن جي مدد ٿو ڪري، مثال ڪجهھ سياسي پارٽيون آهن جن جون زرعي زمينون انهن جي پارٽي جي نالي منسوب آهن، ڪجهھ پارٽيون بينڪ اڪائونٽ هلائينديون آهن يا ڪجهھ سياسي پارٽين وٽ اهڙا فنڊ پيا هوندا آهن جن ۾ اهي پارٽي جا خرچ کاٻار، جلسا، جلوس، جهنڊا، لغڙيون ۽ اسٽيجون يا بسيون ٽرڪيون يا گاڏيون ڀري يا ڀرائي پنهنجي پارٽي ميمبرن جي ان بهاني مدد ڪندا رهندا آهن ته جيئن پارٽي جا ڌنڌا ۽ ڪم ڪاريون هلندا رهن، اها ڳالھه  هنن جي مٿان ان ڪري آئي ته پي ٽي آءِ وٽ اها ڌن دولت ڪٿان آئي جنهن ۾ هنن جي پارٽي جو ڪاروبار پئي هلي سگهيو يا ڪير آ جيڪو هنن جي مدد ڪندو ٿو رهي، پر هنن پي ٽي آءِ وارن هردفعي اليڪشن ڪميشن جي آڏو ڪوڙ هنيو يا ٽال مٽول ڪين يا ڪڏهن ڪجهھ چَيُن يا ڪڏهن ڪجهھ، ڇو ته ڪوڙو ماڻهو هردفعي ڪوڙبدوڙ هڻي ڪم ته ڪڍي ويندو آ پر ان کي اها خبر ناهي پوندي ته هڪڙي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ هاڻي ڪهڙا هزار ٻيا ڪوڙ ڳالهائجن ۽ ائين ئي اهو شخص ويندو ڄار ۾ ڦاسندو ته سڀاڻي پوءِ ان ڄار مان جان ڪير ڇڏائيندس، يا هنن سان به هاڻي اها ڳالھه  وڃي بيٺي آ ته هنن 4 هزار اڪائونٽ ظاهر نه ڪيا، وري 53 اڪائونٽن ۾ مسلسل پئيسا ايندا رهين ۽ هنن جا خاص 8 ماڻهو جن اڪائونٽ ۽ حقيقت ۽ پئيسا پئي لڪايا جيڪي هاڻي پاڻ مڃن ٿا ته ”اهي يا ته پيسا ڀري ڏيندا“ يا ”پهرين ٻين کي پڪڙيو“ يا ”اسان جي اڪائونٽن ۾ اڃان تائين پيسا ايندا رهن ٿا“ ڇو ته هاڻي هڪڙي ڪوڙ مان جان ٿا ڇڏائئن ته مٿان ٻئي ڪوڙ ۾ ڦاسي ٿا پون، .

اسان وٽ اها چوڻي عام آ ته ”چورن جا پويان پيرَ (ماڻهو) سدائين کاٽ ۾“ معني پهرين چوري ڪندڙ ڀلي نڪري وڃي پر پويان اهڙا ڍرا يا نٻل هوندا اٿن جيڪي چالاڪي ناهن ڪري سگهندا ان ڪري اهي کاٽَ (ڀِتِ ۾ ڪيل سورخ) ۾ ڦاسي پوندا آهن، هنن سان به ساڳي ڪارِ آ.

چوڌري فواد جو ڳالهائڻ به ويهي لکجي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته ”اسان وٽ اڃان تائين فارين فننڊنگ جا پئيسا ايندا ٿا رهن“ ان ڪري اهي فارين فنڊر اڃان تائين هنن جا اڪائونٽ ڀريندا رهن ٿا جنهن ۾ انهن فارين باشندن کي اها پڪ آهي ته نئون پاڪستان ٺهي جڙي راس ٿي ويو آ، هاڻي وري غلامي مان آزادي کپي، هاڻي بس رڳو آزاد ملڪ کي آزاد ڪرائڻ رهجي ويو آ يا هاڻي مديني جي رياست به بڻجي وئي آ رڳو اميرالمومنين کي ويهارڻ جي ضرورت آ ان ڪري فارين فنڊنگ اڃان پئي ٿيندي، ”فانئناشنل ٽائيمز“ جي اها ڳالھه  به ڏاڍي دلچسپ آ ته ڪرڪيٽر (عمران خان) جيڪي سڄي دنيا گهمي ڦري سڀ ليکا چوکا ڪري اهو سمجهي ٿا وٺن ته چندو ڪيئن ڪجي، ماڻهن کي بليڪ ميل ڪيئن ڪجي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن، ادارن، ڪمپنين، آرگنائيزيشن، ايجنسين، اميرترين ماڻهن ۽ ايستائين جو حڪمرانن کي به ڪيئن چريو ڪجي جو اهي فارين فنڊنگ جي نالي تي عمران خان جي جهولي ڀري ڇڏن يا هن کي رڳو ان نالي تي پئيسا ملن ته هي هاڻي نئين پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ انهن ٻاهرين ملڪن کان پيسا پِني وري انهن ديسي باشندن کي انهن جي غلامي مان آزاد ڪرائيندو، هاڻي ڳالھه  وڃي اها ٿي بيهي ته ”جيڪو آزمايل کي آزمائي اهو ڌوڙ منهن ۾ پائي“ يا ”ڏٺو پير پُني مُراد“

ان ڪري 2018 تائين ٻاهريان ملڪ، ادارا، شخص، آرگنائيزيشن، ايجنسيون، ديسي سياسي پارٽيون، ملڪي وزير، عسڪري ادارا ۽ شخص اهو واقعي ئي سمجهندا هيا ته هي شخص آ جيڪو ملڪ کي ڪرائيسز مان ڪڍي سگهي ٿو، هي شخص آ جنهن جي ڪري اسان جهڙو غريب ترين ملڪ ۽ ايشيا جو بيمار ٽائيگر معاشي بدحالي مان نڪري سگهندو، جنهن ۾ هي روزگار جا دروازا کولي ڏيندو، ٻاهرين ملڪن سان واسطا بهتر ڪري سگهندو، ملڪ کي خوشحالي جي رستي تي آڻيندو، پر ڪيئين ڪجھ به نه، پوءِ هاڻِ ڪهڙو اعتبار ڪجي يا ڪري سگهجي، ان ڪري فارين فنڊنگ رڳو ان ڪري ٿو ڪري يا پنهنجا انٽرنيشنل بئينڪ اڪائونٽ ان ڪري پوشيده ٿو رکي ته جيئن انهن پئيسن مان پارٽي جا خرچ کاٻار هلائي سگهي، اسٽيجون سينگاري، لغڙيون هڻي ماڻهن کي آزاديءَ لاءِ راغب ڪري يا هڪ آزاد ملڪ کي آزادي جا خواب ڏيکاري، رڳو لفظن جي جنگ پيا ٿا ڪن پر 17 اپريل 2022 تي سڪندر سلطان راجا (جنهن تي هي هاڻي پريشر ڪيون ويٺا آهن ته اهي جيڪڏهن هڪ اکر به ظاهر ڪندو ته هي سوگهو ڪندس، جڏهن ته اهو فيصلو سپريم ڪورٽ وٽ محفوظ پيو آ رڳو ٻڌائڻ جي دير آ) ڪورٽ جي ٻڌڻي ۾ اها ڳالھه  واضح ۽ نتيجي تي پڳل آ جنهن جو ٻه ٻڌڻيون 27 ۽ 29 اپريل تي ٿيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ ڪورٽ فيصلو انهن جي ثبوتن جي بنياد تي محفوظ ڪيو هيو، ان ڪري ان قانوندانن جي دل نه ٿي مڃي ته اهڙو ڪو به فيصلو ڏجي جنهن ۾ عمران خان جي سياسي ڪيريئر تباھ ٿي وڃي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن وٽ هي پي ٽي آءِ جا نمائندا وري به ويندا يا وري به انهن کي ايندڙ اليڪشن جا ڪاغذ جمع به ڪرائيندا، پوءِ اتي وري ڪهڙو ڪوڙ هڻندا يا ڪهڙي ڪوڙ جي سهاري هلندا ان ڪري هنن جا ڪوڙ ته محفوظ پيا آهن هنن جون چالون ته اليڪشن ڪيمشن وٽ پهرين ئي هليل آهن هاڻي ڪهڙي نئين چال هلندا جو اڄ بچي سگهن. اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جو اڄ فيصلو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ايئن  فارين فنڊنگ ڪيس جو نيٺ فيصلائتو وقت اچي ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.