ق ليگ ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت

عرفان محبوب ايڊووڪيٽ

ق ليگ چوڌري شجاعت حسين ۽ طارق بشير چيما کي پارٽي عهدن تان هٽائڻ جو بِلو ڪري ڇڏيو آهي. چوڌري شجاعت حسين پارٽي سربراهه ۽ طارق بشير چيما پارٽي جو جنرل سيڪريٽري آهي. اهي ٻئي ڄڻا حڪمران اتحاد جي ڌاڳي ڦيڻي ۾ آهن. ق ليگ جا ڪُل چار ايم اين ايز آهن پر عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد جڏهن وزيراعظم لاءِ چونڊ ٿي ته رڳو چوڌري شجاعت حسين جي پُٽ چوڌري سالڪ حسين ۽ طارق بشير چيما وزيراعظم شهباز شريف کي ووٽ ڏنو. چوڌري شجاعت حسين ۽ طارق بشير چيما چاهين پيا ته ق ليگ پنجاب ۾ به پي ڊي ايم جي حمايت ڪري ۽ ان عيوض حڪمران اتحاد پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي ويا هئا پر مونس الاهي ائين ڪرڻ نه ڏنو.

پرويز الاهي جڏهن پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ميدان ۾ لٿو، تڏهن به حڪمران اتحاد خاص ڪري آصف علي زرداري نهن چوٽيءَ جو زور لاتو ته پرويز الاهي پي ڊي ايم جي اميدوار جي حيثيت طور سامهون اچي پر هُو ناڪام ويو. آخري چال کيڏندي آصف علي زرداري ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت کان حمزا شهباز جي حق ۾ خط لکرائي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري حوالي ڪيو. ان خط جو بنيادي مقصد پرويز الاهي کان سندس ئي جماعت جا ووٽ کسڻ هو، جنهن ۾ آصف علي زرداري وقتي طور ڪامياب به ٿي ويو پر بعد ۾ سپريم ڪورٽ اهڙي عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانوني حساب سان ڪيترو غلط يا صحيح آهي، ان تي ٻئي واري لکبو. في الحال ان فيصلي خلاف پي ڊي ايم جماعتن طرفان ماتم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

چوڌري شجاعت حسين ۽ طارق بشير چيما کي هٽائڻ جا سانباها ڪري اصل ۾ ق ليگ پي ڊي ايم حڪومت لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪندي خطري جي گهنٽي وڄائي آهي. انهن ٻنهي کي نيڪالي ڏيڻ بعد انهن عهدن تي (گهڻو امڪان چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جو آهي) ٻين اعتماد جوڳن ماڻهن کي آندو ويندو. اهڙيءَ ريت ق ليگ جو سمورو ڪنٽرول سڌي يا اڻسڌي ريت پرويز الاهي وٽ اچي ويندو. پرويز الاهي وٽ پارٽي جو ڪنٽرول اچڻ جو مطلب ته ق ليگ جو ڪنٽرول عمران خان وٽ اچي ويندو ۽ پوءِ ق ليگ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد عمران خان سڀ کان پهرين صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي هدايتون جاري ڪندو ته هُو وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو حڪم ڏئي. جڏهن صدر عارف علوي اهڙو حڪم شهباز شريف تي صادر فرمائيندو ته ملڪي سياست ۾ هلچل مچي ويندي. ق ليگ جي پارليمنٽري پارٽي فيصلو ڪندي ته اعتماد جو ووٽ وزيراعظم شهباز شريف کي ناهي ڏيڻو. جيتوڻيڪ چئن ايم اين ايز مان ٻه ايم اين اي (مونس الاهي ۽ حسين الاهي ) پرويز الاهي جي چئي آکي ۾ آهن پر ق ليگ جي پارليمنٽري پارٽي جو فيصلو ٻن باغي ايم اين ايز تي به لاڳو ٿيندو.

اهڙي ريت جڏهن وزيراعظم شهباز شريف اعتماد جو ووٽ وٺندو ته ڄاڻايل ٻئي باغي ايم اين ايز ( چوڌري سالڪ ۽ طارق بشير چيما) وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ ڏيڻ باوجود به ڏئي نه سگهندا. باغي ايم اين ايز جيڪڏهن پارٽي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي شهباز شريف کي ووٽ ڪندا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب سندن ووٽ ڳڻيو نه ويندو ۽ اڳتي هلي هُو نااهل ٿي ويندا. انهي عمل سان شهباز شريف پارليامينٽ جو اعتماد وڃائي ويهندو ۽ صدر مملڪت پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڪري ڇڏيندو يا وري اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو حڪم ايندي ئي شهباز شريف استعيفا ڏئي ڇڏيندو ۽ مخلوط حڪومت ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پوندي. مخالف ڌر جيڪڏهن انهي رٿابندي تي مهيني کن ۾ عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته عمران خان پنهنجو ”عام چونڊون“ ڪرائڻ وارو مطالبو ماڻي وٺندو پر جيڪڏهن اصل مالڪن حڪمران اتحاد کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو ته پوءِ پي ڊي ايم کي فيس سيونگ ملي ويندي. حڪمران اتحاد جي تازي ڦُڙتي به محفوظ رستو حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪڙي آهي.

چوڻ لاءِ ته اهو سڀ ڪجهه صفا سولو آهي پر شريف ڀائر، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ايڏا به سادا ناهن. انهن ٽنهي کي سياسي راند جو موچارو تجربو حاصل آهي ۽ هُو عمران خان کان ايڏي سولي شڪست نه کائيندا، نه ئي وري عمران خان کي ايڏي سولائي سان ڪامياب ٿيڻ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته موجوده ڇڪتاڻ ملڪي يا قومي مفاد خاطر نه پر ذاتي مفادن خاطر آهي ۽ جيڪڏهن وچ وارو رستو نه نڪتو ته پوءِ ٻنهي ڌرين مان ڪا هڪ ڌُر ايندڙ ڏهاڪي تائين ته اقتداري ميدان مان ذري گهٽ ٻاهر رهندي. انهي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي حڪمران اتحاد عمران خان جي امڪاني وار کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءُ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مستعفي ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي 130 ميمبرن مان 11 ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪيون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن انهن 11 ئي سيٽن کي خالي به قرار ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت جو مقصد انهن سيٽن تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ آهي ته ق ليگ جي صورت ۾ عمران خان جي امڪاني ڌڪ کي پچائي سگهجي پر اهو ڪم ايڏو سولو ٿيندي نظر نه ٿو اچي. پي ٽي آءِ جي 130 ميمبرن هڪ ئي ڌڪ ۾ استعيفائون ڏنيون هيون، جيڪي اُن وقت جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري منظور ڪيون هيون ۽ سيٽون خالي قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي لکي به ڇڏيو هو پر بعد ۾ اهو معاملو ڳجهه ڳوهه ۾ ماٺار جو شڪار ٿي ويو، جنهن تي پي ٽي آءِ ته خاموش رهي پر حڪمران اتحاد اهو موقف پيش ڪيو هو ته مستعفي ٿيل ميمبرن جي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ تائين استعيفائون قبول نه ڪيون وينديون پر ان جي ابتڙ حڪمران اتحاد 130 مستعفي ميمبرن مان 11 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن انهن 11 سيٽن کي خالي به قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن جي انهيءَ عمل کي پي ٽي آءِ امڪاني طور تي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کڻي ويندي. نتيجي طور معاملو ٽنگجي ويندو. عدليا سان تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ پي ڊي ايم حڪومت کي رليف ملڻ جا امڪان به گهٽ آهن ۽ تيستائين جيڪڏهن عمران خان صدر مملڪت وسيلي ”اعتماد جو ووٽ“ وٺڻ وارو وارُ ڪري ويو ته پي ڊي ايم حڪومت خطري ۾ پئجي ويندي. حڪمران اتحاد لاءِ بهرحال اڳيان پاڻي ۽ پٺيان باهه آهي ۽ جيڪڏهن ڪا واهر نه ٿي ته پي ڊي ايم حڪومت کي ٻُڏڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.