بلوچ ۽ بلوچستان ڌار ناهن، وفاق دماغ ٺيڪ ڪري: مالڪ بلوچ

گوادر( م ڊ) نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مالڪ بلوچ چيو آهي ته بلوچ ۽ بلوچستان ڌار ناهن، وفاق دماغ ٺيڪ ڪري. گوادر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اسلام آباد کي صرف بلوچستان جي وسيلن ۾ دلچسپي آهي. هن چيو ته بلوچن کي بلوچستان کان ڪا طاقت خريد نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته گوادر اهڙن هٿن ۾ هليو ويو، جيڪي صرف لٽي رهيا آهن. مهاڻا به پريشان آهن. هن چيو ته بلوچستان ٻڏل آهي پروزيراعظم ۽ وڏو وزير ڌار ڌار دورا ڪري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي امداد نه ٿي ملي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.