”دنيا ڄاڻي ٿي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي عمران خان لڳايو هو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن بابت وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان جو چيف اليڪشن ڪمشنر جي حوالي سان بي اعتمادي آڻڻ جو اعلان وائي واش آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ هاڻ به عوام کي بي وقوف بڻائڻ کان نه پئي مُڙي، دنيا ڄاڻي ٿي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي عمران خان لڳايو هو، ان وقت ڳالهه ٻولهه لاءِ ان وقت جي اپوزيشن ان جي حمايت ڪئي هئي.

هن چيو ته ٺهرائن سان ڪجهه نه ٿيندو، جيڪڏهن آئين ڪنهن کي پسند نٿو ڪري ته ڇا ٺهراءَ سان معاملو حل ٿي سگهي ٿو؟

سندس چوڻ هو ته عارف نقوي جو معاملو نئون ناهي پر اهو برطانيا مان ٿي هاڻ آمريڪا پهتو آهي، عارف نقوي جو معاملو هلي رهيو آهي، جيڪو به فيصلو ايندو آهي، ان تي قوم کي يقين ڪرڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، عمران خان چيو هو ته مقرر مدي کان هڪ ڪلاڪ اڳ به چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اسان سندس ڳالهه تي عمل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.