واپارين پاران سيلز ٽئڪس لڳل بجلي بل نه ڀرڻ جو اعلان، اي پي سي طلب

ڪراچي ( رپورٽر) واپارين  سيلز ٽئڪس لڳل بجلي بل نه ڀرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران چيو آهي ته  مفتاح جو امپورٽڊ فارمولو ناڪام ٿي ويو، بجلي بلن ۾ لڳايل جبري ٽئڪس واپس ورتو وڃي. آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ چيو ته 150 يونٽن تي ٽئڪس ڇوٽ ٿورو ناهي، ان تي ته ٽئڪس هوندو ئي معاف آهي. هن چيو ته واپارين سيلز ٽئڪس لڳل بل جمع نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واپڊا سيلز ٽئڪس جي رقم ڪڍي نوان بل موڪلي . هنن چيو ته اسلام آباد ۾ اي پي سي گهرائي ويندي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.