خيرپورناٿن شاهه : ايم اين وي ڊرين ۾ بلوچستان مان ايندڙ امڪاني ٻوڏ سبب خوف، لڏپلاڻ

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: سيد اطهر بخاري ) خيرپور ناٿن شاه بلوچستان مان ايندڙ پاڻي جي وڏن وهڪرن سبب ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ ۾ پاڻي ۾ تيزي سان چاڙهه اچڻ جي ڪري علائقي واسين ۾ امڪاني ٻوڏ سبب خوف حراس ڇانيل ڪيترن ڳوٺن مان ڳوٺاڻا گهرن مان پنهنجو قيمتي سامان مال محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لڳا ، آبپاشي کاتي پاران بندن تي اڻپورن انتظامن خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن علائقي واسين جو ڇنڊڻ موري تي جي يو آء جي صوبائي اڳواڻ حافظ حاجن خان لغاري ، پاڪ سر زمين جي اڳواڻ ڊاڪٽر شفيق گاڏهي ، سماجي اڳواڻ ممتاز ملاح ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ يعقوب کوسو ، ارشاد ڪلهوڙو ، قاري اسدالله لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته بلوچستان مان وڏو ٻوڏ جو پاڻي سنڌ جي هنڌن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن پاڻي کي بچاءَ بند جي مٿين پاسي کي ڇوڙ ڪرڻ بجاء علائقي جا بااثر وڏيرا پنهنجن ڍنڍن مڇين جي تلائن کي بچائڻ لاءِ پاڻي کي ايم اين وي ڊرين ذريعي ڇوڙ ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ايم اين وي ڊرين مان 4 هزار ڪيوس پاڻي نيڪال ٿي سگهي ٿو پر بلوچستان مان ايندڙ پاڻي وڏي مقدار ۾ آهي ايم اين وي ڊرين پاڻي جو دٻاءُ  برداشت نه ڪري سگهندي آبادي وارا علائقا ٻڏي ويندا وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو هتان جو عوام ڪنهن به صورت ۾ هاڻي انتظامي غفلت برداشت نه ڪندو هنن چيو ته 2010 ۾ ايم اين وي ڊرين کي پيل گهارا به بند ناهي ڪيا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.