”پاڪستان کپائڻ لاءِ ناهي“،پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران  احتجاج ڪيو جنهن جو عنوان هو ”پاڪستان کپائڻ لاء ناهي“  پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج. ان موقعي تي پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چيئرمين الطاف شڪور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين قومي اثاثن جي غير شفاف وڪرو ۽ گروي رکڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون. اسان جي علامتي بک هڙتال جو مقصد پاڪستان ناٽ فار سيل آهي. هنن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي فوري طور تي آمريڪا ۽ ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪيو وڃي. هنن چيو ته پاڪستان حڪومت عياشيون بند ڪري، 62 رڪني ڪابينا عيش و آرام جي پرڏيهي تفريحي سامان جي درآمد بند ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.