ٿيليسيميا

رحمت پيرزادو

موت جي انتظار ۾ جيئندڙ خواب کي

مان نئين سر تخليق ڪرڻ ٿي چاهيان!

مگر ڪنهن به ٻار کي

ٻيهر نه ٿو ڄڻي سگھجي!!

هُو مون کان هميشه لاءِ

وڇڙي وڃڻ جيتري مُفاصلي تي

سدائين جيئندو رهيو آهي!

گلابن کي ٿيلسيميا جو مرض

ڇو ٿيندو آهي؟

۽ ماءُ هر ٻار ڄڻڻ کان پوءِ

مري ڇو نه ٿي وڃي؟؟

مان سدائين انهن سوالن سان

اُلجھندي رهي آهيان!

ڇو ته زندگي

ماءُ وانگر ڏُک جو ٻيو نانءُ آهي!!

(اها ڳالهه شايد ڊسمبر 2005 جي آهي، جڏهن انور پيرزادي پنهنجي گلشن حديد واري گھر تي منهنجي ۽ سنڌوءَ جي دعوت ڪئي هئي، تڏهن منهنجي ڳوٺ جي سڀني کان سهڻي مرڪ واري ڇوڪري پنهنجي پُٽ نيحان کي کڻي آئي هئي. جيڪو ٿيليسميا جو اسان پيرزادن ۾ پهريون پيشنٽ هئو. ان کي شايد هر مهيني رت چڙهندو هيو، جيڪو سندس دنيا ۾ جيئري رهڻ جو هڪ ئي حل هيو. اُن ڏينهن جنهن حيرت مان انور پيرزادو اُن ٻار ڏانهن ڏسي رهيو هيو، اها سندس حيرانگي مون کي ڏاڍي چٽي طرح ياد آهي. نيحان جي ماءُ جا اهي لفظ پڻ ته “هن جو رت چڙهڻ جو سلسلو چون ٿا چوڏهن سالن تائين هِن کي جيئرو رکي سگھندو، پر ٿي سگھي ٿو ته ان وچ ۾ ان بيماريءَ جو مستقل علاج به دريافت ٿي وڃي.” ان آٿت هڪ ماءُ اسان سميت پنهنجي پاڻ کي به ڏئي رهي هئي. پوءِ مون هي مٿيون نظم لکيو هيو، جيڪو ڪاوش ۾ به ڇپيو هيو. 30 جولاءِ اُهو نيحان سترنهن سالن جي عمر ۾ گُذاري ويو آهي. اڄ منهنجو نظم مون کي وڌيڪ ڏکارو ڪري رهيو آهي. سدائين پنهنجي غربت کي وڏن وڏن ٽهڪن سان ڀلائيندڙ نيحان جي ماءُ  پنهنجي ٻار جو مڙهه موهن جي دڙي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ڏانهن کڻي وڃي رهي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ساوڻ جي برسات ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.