فريد آباد لڳ هوٽل تي ويٺل ڳوٺاڻي تي حملو، پورهيت زخمي

فريدآباد ( ن ع آ) ڳوٺ سانول ڪرٽيا جي رھواسيغلام رسول ڪرٽيو خدابخش خاصخيلي  ۾ ھوٽل تي ويٺو ھو ته علائقي جي بااثر ديدار جانوري جي واٺن 3 جوابدارن غلام رسول ڪرٽيو تي قاتلاڻو  حملو ڪيو ـ ڪھاڙين ۽ ڏنڊن جو وسڪارو جنهن ۾ ھڪ ڄڻو غلام رسول ڪرٽيو پٽ محمد الياس ڪرٽيو شديد زخمي ٿي پيو ھوٽل تي ويٺل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ـ جڏهن ته زخمي کي فريدآباد  ٿاڻي تي آندو ويو ليٽر ملڻ بعد ميھڙ  اسپتال منتقل ڪيو ويو ـ جڏهن ته غلام رسول ڪرٽيو جي فرياد تي ٽن جوابدارن قربان جلباڻي ـ اسد جلباڻي ۽ اسحاق جلباڻي خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي ـ جڏهن ته گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي ھوڏانھن  زخمي غلام رسول ڪرٽيو جي وارثن علي جان ڪرٽيو ـ امتياز علي ڪرٽيو ـ لقمان ڪرٽيو ـ علي گل ڪرٽيو ۽ رستم ڪرٽيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪريو جا نعرا ھنيا ـ ان موقعي تي مظاھرين چيو ته جوابدار بااثر  ـ پاٿاريدار ۽ ڏوھاري قسم جا ماڻهو آهن اسان جي ٻڪري چوري ڪري ويا آهن اسان جي ڳوٺ مان دڪان ڀڃي چوري ڪري ويا آهن جوابدار علائقي ۾ سرعام ڏوھ ڪري رھيا آهن جوابدارن کي بااثر  ديدار جانوري جو ھٿ آهي ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي حيدرآباد ـ ايس ايس پي عرفان سمون ـ ڊي ايس پي ميھڙ  عبدالوحيد بيگ لاڙڪ ـ ايس ايڇ او فريدآباد  کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٿاڻي اڳيان پرامن احتجاج جو حق رکون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.