ڀان ۾پورهيت جو ٽرين هيٺان اچي آپگهات

ڀان سيدآباد ( ن ع آ (ڀان سيدآباد جي ريلوي اسٽيشن وٽ 45 ورهين جي سليمان ٻگهيو ٽرين هيٺيان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي،  اطلاع تي ڀان سيدآباد پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب سليمان ٻگهيو گهرو پريشانين کان تنگ اچي اهڙو قدم کڻي زندگي جو انت آندو، ٽرين مٿان چڙھڻ سب لاش ٻن حصن ۾ ٿي ويو، لاش ٻن ڪلاڪن تائين ريلوي ٽريڪ تي پيل رهيو جنهن بعد ريلوي پوليس ۽ ايمبولنس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. واقعي واري هنڌ موجود فوتي سليمان ٻگهيو جي پٽ ٻڌايو تہ والد گهرو معاملن سبب پريشان هيو جيڪو صبح جو گهران نڪتو، واپس نہ موٽيو، ۽ منجهند جو اطلاع مليو تہ والد سليمان ٻگهيو ريلوي پٽڙي تي ٽرين هيٺيان اچي فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.