غوث پور ڀرسان جهيڙو،فائرنگ، مينهن مري وئي، احتجاج

غوث پور (ن ع آ) غوث پور ڀرسان مڇي ٻنڊو واري علائقي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾  زمين جي پراڻي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ  ڌر جي ھٿيار بندن ڊاڪٽر اصغر علي اوڳاهي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ھڪ مينھن مري وئي.هوڏانهن واقعي خلاف اوڳاهي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.ڳوٺاڻن  حاڪم اوڳاهي، اصغر اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته جوابدار علي گل اوڳاهي جي ڌر اسان جي گهر مٿان حملو ڪري ڏنو، فائرنگ ۾ اسان جي مينهن مري وئي،جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن ڪجهه ڏينهن اڳ غوث پور ٿاڻي تي اسان جي مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو.هنن ايس ايس پي ڪشمور کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.