لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
ٺهراءُ حڪومتي ميمبر سيد عباس شاهه ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ميمبرن منظور ڪري ورتو.
ٺهراءَ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.