طاقتور شخص کي پيغام آهي ته اسان دٻدٻو تسليم نٿا ڪريون: فضل الرحمان

پشاور(م ڊ) جي يو آءِ ف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيترو طاقتور کان ڪنهن به اداري ۾ آهي، ان کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان ڪنهن طاقتور جي دٻدٻي کي تسليم نٿا ڪريون، پشاور ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي پنهنجي مرضي واري مخلوق معاشري کي تباهه ڪيو آهي، خبر پئي ته ڪنهن خلاف سازش ٿي آهي، عمران خان چوي ٿو ته ٻاهرين سازش تحت مون کي اقتدار مان ڪڍيو ويو،توهان کي عالمي طاقت ذريعي نه ڪڍيو ويو، عالمي طاقت ذريعي توهان کي آندو  ويو هو، هن چيو ته عدليه جو احترام ڪريون ٿا، توهان فوري نتيجا نه ڏسو، توهان فوري طور تي هڪ ڌر کي رليف مهيا ڪري ڇڏيو پر ڏور رس نتيجا اهي هوندا آهن ته ان سان رياستي ٽٽي وينديون آهن، هن چيو ته توهان جيڪڏهن بدنيتي سان اسان جي دامن تي ڪارو داغ ملڻ جي ڪوشش ڪيئ ته فائل اسان توهان جي منهن تي هڻي مارينداسين، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ تو وٽ پئسا ڀارت، اسرائيل کان آيو، تنهنجي گهر جو ڪرايو 9 سالن تائين آمريڪي سفارتخانو ڏيندو رهيو آهي، هن چيو ته ميدان جنگ ۾ وڙهڻو آهي، آئيني جنگ وڙهڻي آهي، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.