سکر بئراج وٽ وڌيڪ 3 لاش هٿ، انگ 20 ٿي ويو

سکر (رپورٽ:اختيار چنا) سکر ۾ سنڌو درياهه مان وڌيڪ 3 لاش هٿ اچڻ کان پوءِ مجموعي طور مليل لاشن جو انگ 20 ٿي ويو آهي. سکر پوليس جي ترجمان مطابق ملڪ ۾ هاڻوڪين برساتن دوران سنڌو درياهه مان اڻڄاتل ماڻهن جا لاش هٿ اچڻ جو افسوسناڪ سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن سکر بئراج جي گيٽ 28، 41 ۽ 42 وٽان عورت ۽ ٻن مردن جا لاش هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي نگراني ۾ پوليس جي جوانن ۽ ايڌي رضاڪارن ريسڪيو ڪري 3 لاش ڪڍي ورتا.ٽنهي لاشن کي ايڌي حوالي ڪيو ويو. هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب دريائن ۾ چاڙهه ۽ برساتي ريلن سبب مختلف علائقن مان لاش سنڌو درياهه ۾ پهچي رهيا آهن ۽ سکر بئراج جي دروازن ۾ ڦاسي رهيا آهن. گذريل هڪ هفتي دوران سکر بئراج وٽان 20 کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏھن ته ٻن ھفتن اندر 23 لاش مردن عورتن سميت ڪڍيا ويا آھن جن کي سکر پوليس ريسڪيو جي نجي  ٽوٻن لاش ڪڍيا ايس ايس پي سکر جي ترجمان موجب نامعلوم لاش  پوليس جي مدد سان گيٽن مان ٻاھر ڪڍيا   لاش پراڻا ھئڻ ڪري   پوسٽ مارٽم جھڙا نه هئڻ سبب  ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيا جن جي جنازي نماز بعد ويجهن ڳوٺن ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، ضلعي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻڏڻ وارا ڪير آهن، مختلف زاوين سان جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.