ڪنڌڪوٽ ڀرسان پٽ گوليون هڻي ماءُ کي زخمي ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ڀرسان رسالدار ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله ڏنو گولاٽو ۾ ماٽيلي پٽ حبيب الله گوليون ھڻي پنھنجي ماءُ شمائلا   خاتون کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي عورت کي سول اسپتال آندو ويو، جتان نازڪ حالت ھئڻ ڪري کيس سکر منتقل ڪيو ويو. پوليس نه واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ۽ نه جوابدار گرفتار ڪيو ويو. افواھه آهن ته جوابدار ماٽيلي ماءُ کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ عورت زخمي ٿي پئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.