لاڙڪاڻي ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي جنم ٽيپ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج  جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي خيرپور ميرس جي لقمان ڪالوني جي رهواسي جوابدار غلام حسين لاشاري کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت ڪالھ قتل ڪيس جي جوابدار غلام حسين ولد گل حسن لاشاري کي عمر قيد ۽ مٿس هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته جوابدار غلام حسين لاشاري الھ آباد ٿاڻي جي حد الھ آباد پاڙي ۾ سال 2020ع جي نومبر واري مهيني ۾ پنهنجي شادي شده ڌيءَ صائمہ زال زاهد لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هيو، اهڙي واقعي جو ڪيس الھ آباد ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. بعد ۾ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو هو، ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪالھ ڇهين ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ٿي گذري، جتي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت سڳوري طرفان اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.